چندن هار3

چندن هار3 (ڪتاب): هي ڪتاب احمد مرتضيٰ لال جو لکيل آهي، جو مئي 1996ع ۾ مهراڻ اڪيڊميءَ شڪارپور طرفان ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. هن ڪتاب ۾ ’چندن هار‘ سميت جملي 25 اسلامي ڪهاڻيون شامل آهن، هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ سبق ۽ هڪ نصيحت سمايل آهي. رنگين ۽ پڪي جلد واري ٽائٽل ڪور سان 83 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو